ڇُٽو سيد ۽ ميان ڇَتو

ڇُٽو سيد ۽ ميان ڇَتو: ’تحفة الطاهرين‘ ۾ شيخ محمداعظم بن محمد شفيع ٺٽويءَ لکيو آهي ته: ”ٺٽي ۾ مڪليءَ تي تندسر پاڙي ۾ سيد ڇٽو ۽ ميان ڇتو ٻئي معرفت ۽ ڪرامت جا صاحب ۽ وڏي ڪمال وارا بزرگ هئا. هي ٻئي پاڻ ۾ ننڍپڻ کان ئي دوست ۽ همدرس هئا. پاڻ ۾ محققانه صحبتون ڪندا هئا. ٻئي روزي نماز، شريعت ۽ طريقت جا پابند بزرگ هئا. هنن لاءِ مشهور آهي ته سندن در تان سائل ڪڏهن به خالي نه ويو. روايت آهي ته سيد ڇٽي کان ميان ڇَتي فيض پرايو، جنهن کانپوءِ ٻئي ڪڏهن به هڪ ٻئي کان جدا نه ٿيا. هنن ٻنهي بزرگن جو قبرون هڪ ئي هنڌ ابدال عورتن جي پاسي ۾ موجود آهن.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو